شڪارپور پنهواري

شڪارپور پنهواري: هيءَ وسندي دادوءَ کان ڏکڻ طرف ستن ميلن جي فاصلي تي شڪارپور پنهواريءَ جي نالي سان مشهور هئي. جڏهن مغل شاهي درٻار مان ميدان يار محمد خان ڪلهوڙي کي ‘خدا يار خان’ جو خطاب ڏئي سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏنو ويو. تڏهن هن انهي خوشحال وسنديءَ شڪارپور پنهواري کي پنهورن جي قبضي مان ڇڏائي، نئين سر آباد ڪري ‘خداآباد’ جو نالو ڏئي، ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ڪلهوڙا دور ۾ هن شهر جي رونق، آرائش ۽ سونهن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دؤر تائين خداآباد شهر جي حيثيت رونق ۽ آرائش عروج تي رهي، پر جڏهن ميان غلام شاهه تخت حيدرآباد منتقل ڪيو ته هي شهر پستيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو. غلام رسول مهر ‘تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر’ (جلد ٻيو) ۾ لکي ٿو ته، “ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته خداآباد واري جاءِ تي جيڪا پهرين وسندي هئي، تنهن کي عام طور تي ‘شڪارپور پنهواري’ چيو ويندو هو.” (وڌيڪ ڏسو: جلد چوٿون، خدا آباد، ص 465-468)


لفظ شڪارپور پنهواريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو